Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

قبر ۾ ڪم ايندڙ ٻيو عَمَل: صدقو

اي عاشقانِ رسول! قبر جي اونداهي کي روشني ۾، قبر جي وَحشت کي امن و سڪون ۾ بدلڻ وارو ٻيو عمل آهي: صدقو ۽ خيرات۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ فرمان آهي: اِنَّ الصَّدَقَةَ لَتُطْفِئُ عَلٰي اَهْلِها حَرَّ الْقُبُوْرِ بيشڪ صدقو قبر جي گرمي کي وسائي ٿو وَاِنَّمَا يَسْتَظِلُّ الْمُؤْمِنُ يوْمَ الْقِيامَةِ فِي ظِلِّ صَدَقَتِهٖ ۽ بِلاشُبه مُسَلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدَقي جي ڇانو ۾ هوندو۔([1])

قبر جي گرمي، قبر جي وحشت کان بچڻ لاءِ صدقو ۽ خيرات جي عادت بڻايو! بيشڪ صدقو (يعني راھ خُدا ۾ ڪجھ ڏيڻ) وڏي فضيلت وارو ڪم آهي۔ صدقو برائين جا دروازا بند ڪري ٿو۔ صدقو قبر جي گرمي کان بچائي ٿو۔ صدقو گُنَاهن کي ايئن مٽائي ٿو جيئن پاڻي باھ کي وسائي ٿو۔ صدقو بلائن کي ٽاري ٿو۔ صدقو عمر ۾ برڪت جو سبب آهي۔ صدقو بُري موت کان بچائي ٿو۔ صدقو الله پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪري ٿو۔ صدقو ڪرڻ سان رزق ۾ برڪت ٿئي ٿي، صدقو ۽ خيرات سان غربت مٽجي ٿي، صدقو رحمتِ اِلٰهي ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ لهٰذا اڄ جي بابرڪت رات ۾ صدقو ۽  خيرات ڪرڻ جي سٺي نيت به ڪريو! زڪوٰة فرض ٿئي ته پُوري زڪوٰة ادا ڪرڻ جي نيت ڪريو، صدقهء فطر ڏيڻ جي نيت ڪريو، هن کان عِلاوه نفلي صدقا به ڪرڻ گھرجن، جيڪي ويچارا غريب آهن، آمدني گھٽ آهي، ان کي به گھرجي ته ڪجھ نه ڪجھ صدقو ضرور ڪن، چاهي هڪ روپيو ئي ڪن، بهرحال صدقو ڪرڻ ئي گھرجي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي.

الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي سڄي دنيا ۾ ڌوم ڌام آهي، دعوتِ اسلامي خدمتِ دين جي ڪم و بيش 82 شعبه جات ۾ ديني ۽ فلاحي ڪم ڪري رهي آهي، مثلاً شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درسِ


 

 



[1]... شُعَبُ الايمان، باب الزکاة،جلد:3،صفحہ:212،حديث:3347۔