Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

آهن. الله پاڪ اسان کي به هن جي توفيق عطا فرمائي۔ شبِ براءَت ۾ يا ان کان عِلاوه به قبرستان وڃڻ گھڻو فائدي مند آهي۔ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قبرن کي ڏسو! بيشڪ قبرن کي ڏسڻ دُنيا کان بي رغبت ڪري ٿو ۽ آخرت جي ياد ڏياري ٿو۔([1])

دِل جي سختي جو هڪ عِلاج

هڪ ڀيري هڪ عورت اُمُّ المُؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها وٽ آيون ۽ دِل جي سختي جو عِلاج پڇيائون، اُمُّ الْمُؤْمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمايو: موت کي ڪثرت سان ياد ڪيو..! اها خاتون عِلاج ٻُڌي هلي وئي ۽ ڪثرت سان موت کي ياد ڪرڻ لڳي، ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ان کي دِل جي سختي کان شِفَا مِلي وئي، جيئن ته هوءَ ٻيهر سندن خدمت ۾ آيون ۽ شڪريو ادا ڪيائون.([2])

قلب سختی میں حد سے بڑھا ہے           بندہ طالِب تِرے خوف کا ہے

التجائے غمِ مصطفےٰ ہے              یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([3])

هڪ ڀيري هڪ شخص حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ قَسَاوَت (يعني دِل جي سختي) جي شڪايت ڪئي، پاڻ فرمايائون: قبرستان وڃو ۽ يتيم جي مٿي تي هٿ رکو (يعني هي ٻه ڪم ڪرڻ سان توهان جي دِل جي سختي پري ٿي ويندي)۔([4])

قلب پتھر سے بھی سختی میں بڑھا جاتا ہے    خول پہ خول سیاہی کا چڑھا جاتا ہے

المدد! یا شہِ ابرار مدینے والے          قلب سے خوفِ خُدا دُور ہوا جاتا ہے([5])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...ابن ماجہ،کتاب الجنائز،باب: ماجاء فی زیارۃ القبور ،صفحہ:252،حدیث:1571۔

[2]... مجموع رسائل ابن رجب ، ذم قسوۃ القلب ،جلد:1،صفحہ:265۔

[3]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:134 بتقدم و تاخر۔

[4]... مجموع رسائل ابن رجب ، ذم قسوۃ القلب ،جلد:1،صفحہ:265۔

[5]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:432۔