Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
افسوس! اسان جون نافرمانيون...! جيڪڏهن الله پاڪ اسان کان ناراض ٿي ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ حضرت عبد الله بن عبيد رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن مردي سان گڏ ايندڙ موٽي ويندا آهن ته مردو ويهي انهن جي قدمن جو آواز ٻڌندو آهي ۽ قبر کان پهريان ڪو ان کان هم ڪلام ناهي ٿيندو، قبر چوندي آهي: اي انسان! ڇا تو منهنجا حالات نه ٻُڌا ها؟ ڇا منهنجي تنگي، بدبُو، هولناڪي ۽ جيتن کان توکي نه ڊيڄاريو ويو هو؟ جيڪڏهن ايئن هو ته پوءِ تو ڇا تياري ڪئي؟ ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو سوچيو ته سهي! ان وقت جڏهن اسان قبر ۾ اڪيلا هونداسين، خوف طاري هوندو، نه ڪيڏانهن وڃي سگھنداسين، نه ڪنهن کي سڏي سگھنداسين ۽ ڀڄي نڪرڻ جي به ڪا صُورت نه هوندي، ان وقت قبر جي هنيانء ڦاريندڙ پُڪار ٻُڌي ڇا گذرندي!
قبر میں آہ گھپ اندھیرا ہے روشنی ہو پئے رضا یارَبّ!
سانپ لپٹیں نہ میرے لاشے سے قبر میں کچھ نہ دے سزا یارَبّ!
نورِ احمد سے قبر روشن ہو وحشتِ قبر سے بچا یارَبّ!([2])
آقا ڪريم زار و قطار رَوئڻ لڳا...!
اِبنِ ماجه شريف جي روايت آهي، حضرت بَرّاء بن عازِب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هڪ جنازي ۾ شريڪ هئاسين جو تدفين جي وقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ قبر جي ڀرسان ويهي زار و قطار رَوئڻ لڳا، پاڻ ڪريم ايترا ته رُنا جو قبر جي مٽي آلي ٿي وئي۔ پوءِ فرمايائون؛ لِمِثْلِ هٰذَا فَاِعِدُّوْا يعني ان جي لاءِ تياري ڪيو...! ([3])