Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

لکين گنهگارن جي بخشش ٿي ويندي آهي

تمام مسلمانن جي پياري اَمڙ سائڻ حضرت عائشه صِدِّيقه طَيبَه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: مون هڪ رات سرورِ ڪائنات، شاھ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بستر مبارڪ تي نه ڏٺو، ڳولها ڪرڻ تي خبر پئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بقيعِ پاڪ ۾ آهن، پياري نبي، رسولِ هاشمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بيشڪ الله پاڪ شعبان جي پندرهين رات آسمانِ دُنيا تي تجلي فرمائي ٿو، پوءِ هن رات قبيلي بَنُو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ گنهگارن کي بخشي ڇڏي ٿو۔([1]) بَنُو ڪلب عرب جو هڪ قبيلو هو، ڪتابن ۾ لکيل آهي: هي ماڻهو تمام گھڻيون ٻڪريون پاليندا هئا۔([2])

سُبْحٰنَ الله! هڪ ٻڪري جي جسم تي جيترا وارا هوندا آهن، ڪير انهن جي ڳڻپ ڪري سگھي ٿو؟ خبر پئي؛ اڄوڪي رات هزارين، لکين بلڪه ڪروڙين ماڻهن جي بخشش ڪئي ويندي آهي۔

براءَت دے عذابِ قبر سے، نارِ جہنّم سے         مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ([3])

قبرون آخرت جي ياد ڏيارين ٿيون

 اي عاشقانِ رسول! اسان ٻُڌو! سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شبِ براءَت تي بقيعِ شريف تشريف وٺي ويا۔ بقيعِ شريف مديني پاڪ جو مشهور قبرستان آهي۔ هن روايت مان معلوم ٿيو؛ اڄ جي رات قبرستان وڃڻ به اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ ادا آهي۔ سالن کان مسلمانن جو معمول آهي ته شبِ براءَت تي قبرستان ويندا ۽ پنهنجي رشتيدارن ۽ فوت ٿيل مسلمانن جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا


 

 



[1]...ترمذی،کتاب الصوم، صفحہ:207،حدیث:739ملتقطاً۔

[2]... مرقاۃ المفاتیح ،كتاب الصلوٰة، جلد:3،صفحہ:339،زیرِ حدیث:1299۔

[3]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:97 و98۔