Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ ڪوڙ کان بچو!
انهن مان پهريون عَمَل آهي: ڪوڙ۔ صادِق و امين نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪوڙ گُنَاھ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ گُنَاھ جهنّم ۾ وڃڻ جو سبب آهي۔ بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهيندو رهي ٿو، ايستائين جو الله پاڪ جي نزديڪ ڪذَّاب (تمام وڏو ڪوڙو) لکيو ويندو آهي۔([1])
ڪوڙ جي تعريف، ان جي مثالن ۽ عذابن جي متعلق معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت اميراهلسنت جو رسالو بنام ”ڪوڙو چور“ پڙهو.
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ خيانت کان بچو!
قبر ۾ نقصان ڏيڻ وارو ٻيو بُرو عَمَل آهي: خيانت۔ يعني ڪنهن جي رکايل امانت ۾ ناجائِز(طريقي سان) ردّ و بدل ڪرڻ يا امانت واپس نه موٽائڻ۔ حضرت مجاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڌوڪو ۽ خيانت باھ ۾ آهي، ڌوڪو ڏيڻ ۽ خيانت ڪرڻ مسلمانن جا اَخلاق نه آهن۔
جو دُکانیں خِیانت سے چمکائیں گے! کیااُنہیں زَر کے اَنبار کام آئیں گے؟
قہرِ قَہّار سے کیا بچا پائیں گے؟ جی نہیں، نارِدوزخ میں لے جائیں گے
مالِ دنیا ہے دونوں جہاں میں وبال آئیگا قَبر میں ساتھ ہر گز نہ مال([2])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ چغلي کان بچو!
قبر جي عذاب جو سبب بڻجڻ وارو ٽيون گُنَاھ چغلي آهي۔ فساد ڪرائڻ جي لاءِ هڪ شخص جي ڳالھ ٻي تائين پهچائڻ کي چغلي چئبو آهي۔([3])الله پاڪ