Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain
نیکیاں کر جلد تُو بدیوں سے بھاگ قبر میں ورنہ بھڑک اُٹھے گی آگ
حضرت عطا سلمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مبارڪ عادت هئي جو جڏهن رات ٿيندي هئي ته قبرستان جي طرف نڪري ويندا هئا ۽ فرمائيندا ها: اي اَهلِ قبور! توهان مري ويؤ، هاءِ موت! توهان پنهنجا عَمَل ڏسي ورتا، هاءِ عَمَل! پوءِ فرمائيندا ها: هاءِ افسوس! سڀاڻي عطا به قبر ۾ هوندو، هاءِ! سڀاڻي عطا به قبر ۾ هوندو۔ اهڙي طرح روئيندي سڄي رات گذاري ڇڏيندا ها۔([1])
اندھیری قبر کا دِل سے نہیں نکلتا ڈر کروں گا کیا جو تُو ناراض ہو گیا یارَبّ!
گنہگار ہوں میں لائِقِ جہنّم ہوں کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یارَبّ! ([2])
حضرت يزيد رقاشي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه موت کي ڪثرت سان ياد رکڻ وارن مان هئا۔ جڏهن قبرن کي ڏسندا هئا ته قبر جي اونداهي ۽ اڪيلائي جي وحشت وغيره جي خوف کان ايترا بي قرار ٿي ويندا هئا جو ڍڳي وانگر رڙين جو آواز نڪرندو هو۔۔([3])
ڪيئي ڏينهن تائين چراغ نه ٻاريندا ها
حضرت هشَّام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادَت هئي پاڻ جڏهن به قبرستان ويندا ها ته واپس اچڻ کان بعد ڪيئي ڏينهن تائين گھر ۾ چراغ نه ٻاريندا ها ۽ فرمائيندا ها: ايئن (يعني گھر ۾ انڌيرو ڪري) مان قبر جي اونداھيءَ کي ياد ڪيان ٿو۔([4])