Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

Book Name:Qabren Pegham-e-Fana Deti Hain

چھوڑیں عاداتِ بَد بھائیو! موت کی       یاد ہر آن اور دَم بدم چاہئے([1])

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اهو شخص قبرستان وڃي ڪيئن عبرت حاصِل ڪندو هو ۽ فِڪرِ آخرت ۾ مَصرُوف رهندو هو۔ ڪاش! اسان کي به فِڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي۔

قبرستان وڃي عبرت حاصِل ڪجي!

پيارا اسلامي ڀائرو! قبرستان زبردست عبرت جو مقام آهي۔ اسان مان هر هڪ کي ڪڏهن نه ڪڏهن ته قبرستان وڃڻ جو اتفاق ٿيندو ئي آهي، ڇا ڪڏهن غور ڪيو ته قبرستان جون سوڳوار فضائون، غمناڪ هوائون زبانِ حال سان اِعلان ڪري رهيون آهن: اي دُنياوي زندگي تي مطمئن رهڻ وارؤ! توهان سڀني کي هڪ نه هڪ ڏينهن هتي ويراني ۾ قبر جي اونهي کڏ ۾ اچڻو آهي۔

موت ٹھہری آنے والی آئے گی       جان ٹھہری جانے والی جائے گی

رُوح رگ رگ سے نکالی جائے گی       تجھ پہ اک دِن خاک ڈالی جائے گی

قبر میں میت اُترنی ہے ضرور         جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

مصيبت ته قبرن جي اندر آهي

نواسهء رسول حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡه بابت روايت آهي ته پاڻ جڏهن قبرن کي ڏسندا ها ته فرمائيندا ها: مٿان کان هي قبرون ڪيتريون بهتر لڳن ٿيون، پر مصيبت ته انهن جي اندر آهي، الله! الله! اي الله جا ٻانهؤ...! دُنيا ۾ مشغول نه ٿي وڃو! بيشڪ قبر عَمَل جو گھر آهي، نيڪ عمل ڪريو! انهن کان غفلت نه ڪيو...!! ([2])


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:515۔

[2]... بستان الواعظین ،مجلس فی ذکر القبور،حکایۃ عن الحسین،صفحہ:157۔