Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
فيضانِ سُنَّت مان دَرس ڏنو، دَرس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جي تياري شروع ڪئي۔ هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي به هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، انهن جو انداز ايترو پيارو هو جو مان يڪدم هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان گڏجي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنتن ڀريو بيان ٻُڌو، ذِڪرُ الله ۾ مَصرُوف رهيس، پوءِ رِقَّت انگيز دُعا ٿي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جو مون تي اهڙو اَثَر ٿيو جو مون دُعا جي دوران رَوئي روئي پنهنجي گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ آئنده زِندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيت ڪري ورتي، مون تي ڪيف و سُرور طاري هو، اجتماع تان واپسي کان بعد مون نمازن جي پابندي شروع ڪئي ۽ نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويس۔
اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو! اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ ”ماهنامه فيضان مدينه“ موبائل ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي آهي۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ هي بهترين آپشنز موجود آهن:* پوئين تمام ماهوار فيضانِ مدينه جي PDF*تمام ماهوارن جا مضمون (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن * جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگھجي ٿو* سرچ آپشن جنهن ۾ تمام ماهوار سرچ ڪري ڪا به شيء تلاش ڪري سگھجي ٿي * تمام مضمونن جي موضوعن جي اعتبار سان ترتيب۔ اسمارٽ فون استعمال ڪرڻ وارن لاءِ پلي اسٽور تان هن اپيليڪيشن کي ڊاؤن لوڊ ڪري پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ترغيب ڏياريو۔