Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

ڪيائون: حُضُور! هي اسان جو ساز و سامان آهي، هن کي اوهان جيئن چاهيو استعمال ڪريو، البت حضرت ابودَرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه اوهان لاءِ ڪو تحفو ناهي موڪليو۔ فرمايائون: مون کي توهان جي مال جي ڪا ضرورت ناهي، مون کي ته بس اهو تحفو ئي گھرجي جيڪو منهنجي ڀاءَ موڪليو آهي۔ هاڻي انهن ٻنهي قسم کڻي ورتو، عرض ڪيائون: الله پاڪ جو قسم! حضرت ابودَرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪو تحفو ناهي موڪليو۔ بهرحال جڏهن اسان اتان نڪرڻ لڳاسين ته انهن صرف ايترو فرمايو هو ته عراق ۾ هڪ اهڙا صحابي رسول رهن ٿا جڏهن هو سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ اڪيلا هوندا هئا ته حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪنهن ٻي جي حاجت نه هوندي هئي، جڏهن توهان ان سان ملو ته ان کي منهنجو سلام چئجو۔

حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايائون: هي ئي ته اهو تحفو آهي جنهن جو مان مطالبو ڪري رهيو هئس، سلام کان وڌيڪ اَفضَل تحفو ڪهڙو هوندو؟ سلام بابرڪت ۽ پاڪيزه آهي۔([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حڪايت مان ملڻ وارا مدني گل

(1): صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان جي پاڻ ۾ محبت

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان جي پاڻ ۾ ڪيتري نه  گهاٽي محبت هئي، هي مبارڪ ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ گڏجي ويهندا هئا پوءِ ته سندن محبتن جو عالَم ئي جُدا هوندو هو، ان سان گڏوگڏ جڏهن هي ظاهري جسماني طور تي پري هوندا ها، ان وقت به هڪٻئي سان تمام گهڻي محبت رکندا ها، هڪٻئي کي دُعائن ۾ ياد رکندا ها ۽ هڪٻئي جي لاءِ سلام موڪليندا


 

 



[1]...معجمِ کبیر، جلد:6، صفحہ:219، حدیث:6058۔