Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

هئا۔ صحابه ڪرام عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان جو شان بيان ڪندي الله پاڪ فرمائي ٿو:

مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِؕ-وَ الَّذِیْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیْنَهُمْ  (پاره:26،سورۂ فتح:29)

ترجمو ڪنزالعرفان: محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت، پاڻ ۾ نرم دل  آهن،

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: صحابي سڳورا عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان پاڻ ۾ ايترا نرم دل ۽ هڪٻئي سان اهڙي محبت ۽ مهرباني ڪرڻ وارا هئا جيئن هڪ پيءُ پنهنجي پٽ سان ڪري ٿو۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان جي هن مبارڪ انداز ۾ اسان جي لاءِ به نصيحت آهي، اسان کي گھرجي ته اسان به پنهنجي مسلمان ڀائرن جي نفرت، بغض ۽ ڪيني(يعني پوشيده دشمني) هرگز هرگز دِل ۾ نه اچڻ ڏيون، پنهنجو سينو صاف شفّاف رکون ۽ پنهنجي مسلمان ڀائرن سان صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪيون۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: مسلمان پاڻ ۾ هڪ جسم جيان آهن جو هڪ عُضوو تڪليف ۾ هجي ته تمام عضوا متاَثِّر ٿيندا آهن۔([2])

مبتلائے درد کوئی عضو ہو روتی ہے آنکھ       کس قدر ہمدرد سارے جسم کی ہوتی ہے آنکھ

الله پاڪ اسان کي پاڻ ۾ پيار، محبت، اتفاق ۽ اتحاد ۽ ڀائيچاري سان گڏجي مِلي جُلي شفقت ۽ نرمي واري زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

(2): اَصل فضيلت اها ئي جيڪا جنّت ۾ پهچائي

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو دلچسپ ۽ سبق آموز


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:26، سورۂ فتح، زیر آیت:29، جلد:9، صفحہ:387۔

[2]...مسلم، کتابُ الْبِر وَ الصِّلہ، صفحہ:1001، حدیث:2586۔