Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
وضاحت: هو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪي هر بي خبر جي خبر رکندڙ آهن، ان تي دَرُود ۽ سلام هجن۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُ عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دار ومدار نيتن تي آهي۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت انسان کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُ عَلٰي مُحَمَّد
الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هجرت فرمائي مدينه منوره آيا ته اتي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مهاجرين (يعني هجرت ڪري ايندڙ صحابن) ۽ انصار صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان جي وچ ۾ ڀائيچارو قائِم فرمايو۔ هن سلسلي ۾ حضرت سلمان فارسي ۽ حضرت اَبُو دَرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا کي پاڻ ۾ ڀائر بڻايو ويو۔
انهيء بنياد تي حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ۽ حضرت اَبُودَرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ ۾ گھڻو پيار ۽ محبت رکندا هئا۔ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِصَالِ ظاهري کان بعد حضرت اَبُودَرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه مُلڪ شام هليا