Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
واقعو اسان ٻُڌو، هن ۾ ٿورو غور فرمايو! جڏهن حضرت اشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان پڇيو: ڇا اوهان صحابيءِ رسول آهيو؟ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه يقيناً صحابيءِ رسول آهن پر پاڻ فِڪرِ آخرت تي مشتمل جواب ڏيندي فرمايو؛ حقيقت ۾ صحابي ته اهو آهي جيڪو جنّت ۾ به جانِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هجي، لهٰذا مون کي معلوم ناهي ته مان صحابي آهيان يا ناهيان۔
سُبحٰنَ الله! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي فِڪرِ آخرت ڏسو! هي مبارڪ ماڻهو ڪيئن پنهنجي خوبين کي عاجزي جي چادر ۾ ويڙهي وٺندا هئا، اعليٰ کان اعليٰ خُوبي مِلڻ تي به خُودپسندي جو شِڪار ٿيڻ ڄڻ انهن جي ڊِڪشنري (Dictionary) ۾ هو ئي نه۔ هن مان اسان کي هي سبق ملي ٿو ته اَصل فضيلت، اَصل خُوبي اها ئي آهي جيڪا قيامت جي ڏينهن جنّت ۾ پهچائي، نه ته ٻانهي وٽ هزار خوبيون هجن، انسان ڊاڪٽر به بڻجي وڃي، انجينئر به بڻجي وڃي، اعليٰ نوڪري به مِلي وڃي، وڏو اُوچو منصب به مِلي وڃي، ان جي نالي سان گڏ وڏا وڏا لقب به لڳي وڃن، هزار قسمن جون فضيلتون به مِلي وڃن پر جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا حاصل نه ڪئي ته اهو سڀ ڪجھ بيڪار آهي۔
هڪ ڀيري حضرت پِير مِهر علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تشريف فرما هئا، هڪ نجومي آيو ۽ ايندي ئي ساراھ ڪندي چيائين: حُضُور جو طالع (يعني قسمت) ڪمال تي ۽ تارو بلند آهي۔
هي انداز خُود پسندي ۾ مبتلا ڪرڻ وارو هو، مثال طَور تي اسان کي ڪو اچي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري، اسان جي واکاڻ تي واکاڻ ڪري ته اسان جهڙا شايد آڪڙجي وڃن ۽ خود پسندي جي آفت ۾ وڃي ڪرن پر الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جا انداز نِرالا آهن، هي شيطان جي چالن کان خوب واقف هوندا آهن، پير مهر علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نجومي جون ڳالهيون ٻُڌي وڏي