Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

جي حديثِ پاڪ ۾ آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪثرت سان سجدا ڪيو ڇوته توهان جڏهن به الله پاڪ جي لاءِ سجدو ڪندؤ، الله پاڪ توهان جو هڪ درجو بلند فرمائيندو ۽ ان جي بدلي توهان جي هڪ خطا معاف فرمائيندو([1]) * حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سجدي جي نشانن کان علاوه انسان جي سڄي جسم کي باھ ساڙيندي، الله پاڪ جهنّم تي حرام ڪيو آهي ته اها سجدي جي نشانن کي ساڙي۔([2])

ٺپي جي لِکائي

شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه پنهنجي انمول ڪتاب ”فيضانِ نماز“ صفحي: 258 تي لکن ٿا: هڪ نيڪ ٻانهي سان ڪنهن پنهنجي پريشانين جي ڪري روئندي پڇيو: جيڪو ڪم ڪيان ٿو اهو ابتو ٿي وڃي ٿو، ڇا ڪيان! ان چيو؛ ٺپو (Stamp) ڏٺو اٿئي؟ چيائين: هائو ڏٺو آهي. پڇيائين: ڇا اهو ڄاڻين ٿو ته ٺپي (Stamp) تي لکائي ڪيئن هوندي آهي............؟ چوڻ لڳو: ان تي ته ابتي لِکائي هوندي آهي. فرمايائون: ڇا اهو ٻڌائي سگهين ٿو ته اها سبتي ڪيئن ٿيندي آهي. جواب ڏنائين: جڏهن ٺپو (Stamp) ڪاغذ تي لڳندو آهي ته الفاظ سبتا ٿي ويندا آهن. فرمايائون: جهڙي طرح ٺپو (Stamp) پنهنجو مٿو (يعني پيشاني) ڪاغذ تي هڻندو آهي ته ان جا ابتا لفظ سبتا ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح تون به وضو ڪري مسجد وڃ ۽ پنهنجي خالق ۽  مالڪ جي بارگاھ پنهنجو مٿو جُهڪاءِ (يعني سجدو ڪر) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! تنهنجا به ابتا ڪم سبتا ٿي پوندا.

خُوب سجدے میں اے بھائی! گِڑگِڑا کر کر دُعا     کام بن جائے گا تیرا اَز طفیلِ مصطفےٰ

الله پاڪ اسان سڀني کي فرض نمازن سان گڏوگڏ خوب نفل پڙھڻ ۽


 

 



[1]...مسلم، صفحہ:199، حدیث:1093۔

[2]...مسلم، صفحہ:96، حدیث:451۔