Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

عِلم جو اَڻ کُٽ سمنڊ

حضرت زَاذَان ڪندِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خِدمت ۾ حاضِر هئاسين، حضرت علي المرتضٰي، شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ذِڪرِ خير ڪندي فرمايائون: سلمان فارسي جهڙو توهان ۾ ڪير ٿي سگھي ٿو؟ هو اَهلِ بيت مان آهي، انهن پهريان ۽ آخري عُلُوم حاصِل ڪيا، حضرت سلمان فارسي پهرين ڪتاب (يعني انجيل يا تورات) جا به عالِم هئا ۽ آخري ڪتاب (يعني قرآنِ ڪريم) جا به عالِم هئا بلڪ سلمان ته عِلم جا اَڻ کُٽ سمنڊ هئا۔([1])

حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه اَهلِ بيت مان آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سلمان فارسيرَضِىَ اللهُ عَنۡه جي فضيلتن ۽ خصوصيتن مان هڪ  نهايت اهم فضيلت ۽ خصوصيت هي به آهي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پنهنجي اَهلِ بيتِ اطهار ۾ شامِل فرمايو، حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت علي المرتضٰي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فرمايو: سَلْمَانُ مِنَّا اَهْلَ الْبَيْتِ سلمان اسان جي اَهلِ بيت مان آهي، فَاتَّخِذْہُ صَاحِبًا  لهٰذا انهن کي پنهنجو ساٿي بڻايو۔ ([2])

مير عبد الواحِد بالگرامي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: اَهلِ بيت جون ٽي قسمون آهن: (1): اَصل اَهلِ بيت (2): داخِل اَهلِ بيت (3): لاحِق اَهلِ بيت۔ اَصل اَهلِ بيت: ازَواجِ مطهرات ۽ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اولاد پاڪ آهي۔   داخِل اَهلِ بيت 3 پاڪيزه هستيون آهن؛ حضرت علي المرتضيٰ، حضرت امامِ حَسَن ۽ حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنۡهم ۽ لاحق اَهلِ بيت اهي آهن جن کي الله پاڪ ناپاڪين ۽ گُنَاهن کان بلڪل پاڪ ڪيو آهي ۽ انهن کي ڪمال تقويٰ ۽ پاڪيزگي عطا فرمائي آهي۔


 

 



[1]...معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:213، حدیث:6042۔

[2]...مسندِ بزار، جلد:13، صفحہ:139، حدیث:6534۔