Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
اَصْلِ نسلِ صَفَا، وجہِ وَصْلِ خُدا بابِ فَضْلِ وِلایت پہ لاکھوں سلام
وضاحت: حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنۡه خالِص پاڪ سادات جي جڙ ۽ بنياد آهن، الله پاڪ جو مُقَرَّب بڻجڻ جو سبب آهن، وِلايت ملڻ جو دروازو آهن، سندن تي لکين سلام هجن۔
محبتِ مولا علي گُنَاهن کي کائي ويندي آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المؤمنين مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون فضيلتون ايتريون آهن جو انهن جي ڳڻپ نٿي ڪري سگھجي۔ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: حُبُّ عَلِیٍّ یَاْکُلُ الذُّنُوْبَ کَمَا تَاْکُلُ النَّارُ الْحَطَبَ يعني علي جي محبت گُنَاهن کي ايئن چَٽُ ڪري ڇڏي ٿي جيئن باھ ڪاٺي کي ساڙي خاڪ ڪندي آهي۔([1])
مقامِ صِفّين ڏانهن ويندي حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو لشڪر اهڙي ميدان وٽان لنگھيو، جتي پاڻي نه هو، سڄو لشڪر اُڃ جي سختي سبب بيتاب هو، اتي هڪ گِرجا هو، ان جي راهب ٻڌايو ته هتان کان ٻه فرسخ (يعني تقريباً 14 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي پاڻي مِلي سگھندو۔ هن صُورتِ حال ۾ حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه خَچّر تي سوار ٿيا ۽ هڪ هنڌ زمين کوٽڻ جو حڪم ڏنائون۔ کوٽائي شروع ٿي، هڪ پٿر ظاهر ٿيو، ان کي ڪڍڻ جون تمام ڪوششون ناڪام ٿي ويون، هي ڏسي مولا مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه سُواري تان لٿا ۽ ٻنهي هٿن جون اڱريون ان پٿر جي چير ۾ وجھي زور لڳايائون ته اِهو پٿر نڪري ويو ۽ ان جي هيٺان نهايت صاف، شفّاف مٺي پاڻي جو چشمو وهڻ لڳو۔ تمام لشڪر پاڻي پيتو۔