Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
محبت کان گھڻو پري ۽ هر وقت آخرت جي فِڪر ۾ رهڻ وارا هئا۔ ڏسو! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه وٽ صِرف هڪ ٿانء هو ۽ ان کي ڪثير سامان چئي روئي رهيا هئا جو مون وڌيڪ مال گڏ ڪري ورتو۔
اڄ اسان جو حال ان جي بلڪل ابتڙ آهي۔ هزارين روپيا آمدني آهي، بينڪ بيلنس به آهي، گاڏي به رکيل آهي، گھر ۾ ضروري سامان سان گڏوگڏ اِضافي سهولتون به موجود آهن، ان جي باوُجُود وڌيڪ جي طلب آهي، ڏينهن رات بس پيسو پيسو ئي ڪندا رهون ٿا۔ ڪاش! اسان کي دُنيا کان بي رغبتي نصيب ٿي وڃي، ڪاش! فِڪرِ آخرت ملي ۽ اسان دُنياوي ڪالھ سنوارڻ جي خاطِر دَر دَر ڀٽڪڻ بدران تَوَڪل اختيار ڪيون، شڪر گذار بڻجون ۽ آخرت سنوارڻ بابت فِڪر ڪريون۔
اَجَل نے نہ کسریٰ ہی چھوڑا نہ دارا اسی سے سکندر سا فاتح بھی ہارا
ہر اِک لے کے کیا کیا نہ حسرت سدھارا پڑا رِہ گیا سب یونہی ٹھاٹھ سارا
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
حضرت مُغِيره بِن عبدُ الرَّحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ڀيري حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فرمايو: جيڪڏهن توهان مون کان پهريان انتقال ڪري وڃو ته پيش ايندڙ احوال کان مون کي آگاھ ڪجو ۽ جيڪڏهن مان توهان کان پهريان فوت ٿي ويس ته مان توهان کي آگاھ ڪندس۔ پوءِ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو انتقال پهريان ٿي ويو۔ هڪ ڏينهن حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي خواب ۾ ڏسي پڇيو: اي ابوعبد الله! ڪيئن آهيو؟ فرمايائون: مان خيريت