Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

ڪثرت سان سجدا ڪرڻ جي سعادت عنايت فرمائي۔

فرائِض پڑھوں، خوب نفلیں پڑھوں میں      کرم کر خُدا! خُوب سجدے کروں میں

آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

مولا علي شير خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو ذِڪرِ خير

پيارا اسلامي ڀائرو! 13 رَجَبُ المُرَجَّب تي مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المؤمنين حضرت مولا علي شيرِ خُدا، مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي وِلادت جو ڏهاڙو آهي، هن مناسبت سان اچو! مختصر ذِڪرِ مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيون ٿا۔

مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه  جو مختصر تعارف

* امير المؤمنين مولا علي مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه 13 رَجَبُ المُرَجَّب تي مڪه مڪرمه ۾ پيدا ٿيا * کين والده سندن نالو حيدر ۽ والِد علي رکيو هو * حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کين اَسَدُ الله جي لقب سان نوازيو * ان  کان عِلاوه مُرتضيٰ (يعني چونڊيل)، ڪرَّار (يعني هر هر موٽي حملو ڪرڻ وارو)، شيرِ خُدا ۽ مولا مشڪل ڪشا حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا مشهور لقب آهن * حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه مڪي مدني آقا، پياري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا سؤٽ آهن([1]) * مسلمانن جي ٽئين خليفي حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شهادت کان بعد اَنصار ۽ مهاجرين حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي بيعت ڪئي،([2]) ايئن پاڻ امير المؤمنين ۽ خليفةُ المُسلِمِين چونڊيا ويا * حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه 4 سال، 8 مهينا، 9 ڏينهن مَسنَدِ خِلافت تي رونق افروز رِهڻ کان بعد 21 رمضان المبارڪ تي دُنياءِ فاني مان رُخصت ٿيا۔([3])


 

 



[1]...مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:412خلاصۃً۔

[2]...تاریخ الخلفاء، فصل فی مبایعۃ، صفحہ:111بتغیر۔

[3]...معرفۃ الصحابۃ، جلد:1، صفحہ:100۔