Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام وڏي ڄمار ماڻي، روايتن مطابق پاڻ 250 سال کان وڌيڪ عرصو دُنيا ۾ تشريف فرمارهيا۔ چيو وڃي ٿو ته حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي حَواري (يعني صحابي) جي زيارت ڪئي آهي۔([1])
حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فارِس جي شهر اَصفهان جا رهواسي هئا، سندن ابا ڏاڏا مجوسي (يعني باھ جي پُوجا ڪندڙ) هئا، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه به مَجوسِيت جي ديني تعليم حاصِل ڪئي ۽ ان ۾ ماهر بڻيا پر جلد ئي پاڻ پنهنجي هن باطِل دين کان بيزارا ٿي ويا ۽ حق جي ڳولها ۾ نڪري پيا، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏي عرصي تائين حق جي ڳولها ڪندا رهيا، پاڻ ملڪ شام ۾ ڪيئي راهبن (يعني عبادت گذارن) جي صحبت ۾ رهيا، انهن وٽان ديني تعليم سکيائون، الله پاڪ جي عبادت ۾ مَصرُوف رهيا، آخر هڪ راهب وٽ پهتا، ان راهب پنهنجي آخري وقت حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فرمايو: پٽ! منهنجي معلومات مطابق هاڻي دُنيا ۾ ڪو اهڙو راهب نه آهي، جيڪو دُرُست ديني تعليم تي ڪاربند رهي، عنقريب الله پاڪ جا آخري نبي ظهور فرمائيندا، توهان انهن جي خِدمت ۾ حاضِر ٿِجو۔ ان راهب حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مديني پاڪ بابت ٻڌايو ۽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪجھ علامتن کان به آگاھ ڪيو۔ ملڪ شام ۾ اَهلِ عرب جا قافلا ايندا رهندا هئا، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ قافلي سان گڏجي پيا ۽ سَفرِ مدينه شروع ٿيو، رستي ۾ قافلي وارن جي نيت خراب ٿي ۽ انهن پاڻ کي اڪيلو ڏسي هڪ ڪافِر جي هٿ وڪڻي ڇڏيو۔([2])