Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

جيئن حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ سَيد نه آهن پر ناپاڪي سان ڪمال طهارت جي ڪري اَهلِ بيت سان لاحِق (يعني مليل) آهن۔([1])

پنهنجي هٿ جي ڪمائي کائڻ پسند ڪندا هئا

حضرت ابو عثمان نَهۡدِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، صحابيء رسول حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن فرمايو: مان پنهنجي هٿ جي ڪمائي سان کائڻ پسند ڪيان ٿو۔([2])

حضرت حَسَن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه 30 هزار مسلمانن جا امير هئا ۽ سندن وظيفو 5 هزار دِرهم هو۔ ان جي باوُجُود سندن جو دُنيا کان بي رغبتي جو عالَم هي هو جو سندن وٽ هڪ ئي چادر هئي، اهائي اوڍي ماڻهن کي خطبو ڏيندا ۽ سمهڻ وقت اها ئي چادر اڌ مٿان وجهندا هئا ۽ اڌ هيٺ وڇائيندا هئا۔ جڏهن وٽن وظيفو ايندو هو ته ان کي مسلمانن تي خرچ ڪندا هئا ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان کجور جي پتن جون ٽوڪريون ٺاهي گذارو ڪندا هئا۔([3])

سُبحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڇا ته خوبصُورت انداز آهي! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه 30 هزار مسلمانن جا امير آهن، ظاهر آهي ڪيتريون ئي مَصرُوفيتون هونديون، ان جي باوُجُود پنهنجي هٿ سان ڪمائيندا هئا ۽ گذارو ڪندا هئا۔ ۽ ڪيتري پياري ڳالھ آهي؛ پنهنجو 5 هزار دِرهم وظيفو ٻين تي خرچ ڪندا هئا۔ سُبحٰنَ الله ! سُبحٰنَ الله !

    الله پاڪ اسان کي به ٻين جي خِدمت ڪرڻ، مسلمانن جو خيرخواھ بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ ڪاش! پنهنجي محنت جي ڪمائي کائڻ جا عادِي بڻجي وڃون۔


 

 



[1]...سبع سنابِل مترجم، صفحہ:94۔

[2]... الله والوں کی باتیں، جلد:1، صفحہ:372۔

[3]...زُہد لامام احمد بن حنبل، باب زُہدُ سلمان الفارسی، صفحہ:173، حدیث:815۔