Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

آهيون: سڀني کي اسان جو سلام ڏجان۔ هي تمام سٺي عادَت آهي البت هن معاملي ۾ هڪ مسئلو ذهن نشين ڪريو! بهارِ شريعت، حِصّي 16، صفحي: 106 تي آهي: ڪنهن چيو ته فُلاڻي کي منهنجو سلام چئجان ان تي سلام پهچائڻ واجب آهي ۽ جڏهن ان سلام پهچايو ته سامهون وارو جواب هيئن ڏي: عَلَیْکَ وَعَلَیْہِ السَّلَام ۔

بهار شريعت ئي ۾ آهي: هي سلام پهچائڻ ان وقت واجب آهي، جڏهن ان چيو هجي ته مان توهان جو سلام پهچائيندس۔ ان صُورت ۾ سلام ان وٽ امانت آهي، جيڪو ان جو حق دار آهي (يعني جنهن جي نالي جو سلام آهي) ان کي ڏيڻو ئي پوندو۔ عام طور تي حاجين کي ماڻهو هي چوندا آهن ته حُضُورِ اَقدَس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻار ۾ منهنجو سلام عرض ڪجان، هي سلام به پهچائڻ واجب آهي۔

بَزبانِ زائریں تو میں سلام بھیجتا ہوں            کبھی خود سلام لاتاتو کچھ اور بات ہوتی([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارُف

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسلام جا سچا شيدائي، گھڻو صبر ڪرڻ وارا، هر حال ۾ ثابِت قدم رهڻ وارا، گھڻا نيڪ، عقل مند، ماهر عالِمِ دين، اسلام جو پرچَم بلند ڪرڻ وارا ۽ حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ممتاز صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان مان آهن۔ فارس (يعني ايران) جي رهڻ وارن مان سڀ کان پهريان حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه اسلام قبول ڪيو۔ سندن نالو سلمان آهي۔ فارِس جا رهواسي هئا، ان ڪري فارسي سڏجن ٿا۔ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي سلمان الخير (يعني سلمان ڀلائي وارا) به چيو ويندو آهي۔([2])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:385۔

[2]...اصابہ فی تمیز الصحابہ، جلد:3، صفحہ:120۔