Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

ڪندؤ ته) سلامتي سان جنّت ۾ داخِل ٿي ويندؤ۔([1])

سلام محبت پيدا ڪري ٿو

پيارا اسلامي ڀائرو! ”سلام“ هڪ انمول نعمت آهي، الله پاڪ سلام ۾ اهڙو ڪمال تاثير رکيو آهي جو اسان سلام زبان سان ڪندا آهيون پر ان جو اَثر سڌو دِل تي ٿيندو آهي۔ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لَاتَدْخُلُوا الجَنَّۃَ حَتّٰي تُؤمِنُوا توهان ان وقت تائين جنّت ۾ داخِل نه ٿي سگھندؤ، جيستائين ايمان نه آڻيو! وَلَا تُؤمِنُوْا حَتّٰي تَحَابُّوْا ۽ توهان ان وقت تائين (ڪامِل) مؤمن نٿا ٿي سگھو جيستائين پاڻ ۾ محبت نه ڪيو! پوءِ فرمايائون: ڇا مان توهان کي اها ڳالھ نه ٻڌايان، جنهن تي عمل ڪري توهان جي پاڻ ۾ محبت وڌي وڃي؟ اَفْشُوا السَّلَامَ بَينَڪُمْ پاڻ ۾ سلام کي عام ڪيو!([2])

محبت ڀريو اِسلامي تير

حضرت لقمان حڪيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايائون: پٽ! جڏهن به ڪنهن قوم وٽان لنگھو ته انهن کي اِسلامي تير هڻندا ڪيو!

هي اسلامي تِير ڇا آهي؟ حضرت عَوف بن عبد الله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن مان مراد سلام آهي۔([3]) يعني جڏهن سلام ڪندؤ ته توهان جو سلام محبت سان ڀريل تِير بڻجي سامهون واري جي دِل تي لڳندو ۽ محبت وڌائيندو۔

يعني پٽ! ماڻهن کي سلام ڪيو ڇوته توهان جي زبان مان نڪتل سلام جا الفاظ تاثير جو تِير بڻجي سامهون واري جي دِل تي لڳندا ۽ محبت وڌائيندا۔

الله پاڪ اسان کي سلام کي عام ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ محبتون ورهائڻ جي


 

 



[1]...اِبْنِ ماجہ، کتابُ اِقَامۃِ الصلوٰۃ، جلد:1، صفحہ:423، حدیث:1334۔

[2]...ابوداؤد، کتابُ الادب، باب اِفْشَاءُ السلام، صفحہ:809، حدیث:5193۔

[3]...زُہد لِاِبْنِ مبارک، صفحہ:332، حدیث:950۔