Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان کان بعد آخر تائين حُضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضِر رهيا، مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي دورِ خِلافت ۾ کين مدائِن جو گورنر مقرر فرمايو۔
حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه 10 رَجَبُ المُرَجَّب 33 يا 36 هجري تي هن دُنيا مان رخصت ٿيا، سندن مزار مبارڪ عراق جي شهر مدائِن ۾ آهي۔([1]) سندن ئي جي نسبت سبب مدائِن کي سلمان پاڪ به چيو وڃي ٿو۔
حضرت ابو بُرَيدَه رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي والِد کان روايت ڪن ٿا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: الله پاڪ مون کي 4 ماڻهن سان محبت جو حڪم ڏنو آهي ۽ مون کي خبر ڏني ته الله پاڪ به اُنهن 4 سان محبت فرمائي ٿو۔ صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهي 4 ڪير آهن؟ فرمايائون: علي، سلمان، اَبُوذَر ۽ مِقداد (رَضِىَ اللهُ عَنۡهُم)۔ ([2])
جنّت 4 صحابي سڳورن جي مشتاق آهي
هڪ روايت ۾ آهي: حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنّت (1): علي بن ابوطالِب (2): عمَّار بِن ياسِر (3): سلمان فارسي ۽ (4): مِقدَاد بِن اَسوَد (رَضِىَ اللهُ عَنۡهُم) جي مشتاق آهي۔([3])