Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
توفيق عطا ڪري۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
ہَوَس نے کر دیا ہے ٹکڑے ٹکڑے نوعِ انساں کو
اَخُوَّت کا بیاں ہو جا! محبت کی زباں ہو جا!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُ عَلٰي مُحَمَّد
ته توهان امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارا ٿيو ها...
حضرت اَبُو قَلابه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ شخص حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيو، ان وقت حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه اٽو ڳوهي رهيا هئا، ان شخص حيرت وچان چيو: سائين! هي ڇا آهي؟ (يعني اوهان پاڻ ئي اٽو ڳوهي رهيا آهيو؟) فرمايائون: مون خادِم کي ڪنهن ڪم سان موڪليو آهي، مون کي سٺو نه لڳو ته ان تي ٻه ڪم جمع ڪيان۔
سُبحٰنَ الله! حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خادمن تي نرمي صد مرحبا...!! اٽو ڳوهڻ خادِم جي ذِمّي هو پر حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه خادِم کي ڪنهن ٻي ڪم سان موڪلي ڇڏيو ته ان جي حِصي جو ڪم پاڻ ڪرڻ لڳا ته جيئن خادِم کي ٻيڻي مشقت نه ٿئي۔ سُبحٰنَ الله!
حضرت ابو قَلابه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان ايندڙ شخص عرض ڪيو: فُلاڻي اوهان کي سلام چيو آهي۔ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه (سلام جو جواب ڏيڻ کان بعد) فرمايو: توهان ان وٽان ڪڏهن آيا آهيو؟ چيائين: مان فُلاڻي وقت آيو هئس۔ فرمايائون: جيڪڏهن توهان هن جو سلام نه پهچايو ها ته خيانت ڪرڻ وارا ٿيو ها۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ گھرن ۾ الحمد لله! اڃا تائين اهو رواج موجود آهي ته جڏهن ڪو مهمان پنهنجي گھر واپس موٽڻ لڳندو آهي ته چوندا