Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
پيارا اسلامي ڀائرو! نَوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِڪاف جي معني آهي: مون سُنَّت اعتڪاف جي نيت ڪئي۔ نيت دِل جي ارادي کي چئبو آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضِري نصيب ٿئي، ياد ڪري دِل ۾ ارادو رکي اعتڪاف جي نيت ڪندا ڪيو! ٿوري توجھ جي ضرورت آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهڻو ثواب هٿ ايندو. جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره شرعاً جائِز نه آهي، اعتڪاف جي نيت ڪنداسين ته اهي ڪم به جائِز ٿي ويندا.
حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري صبح جي وقت الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پُرنُور چهري تي خوشي جا آثار هئا، صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: الله پاڪ پيغام موڪليو آهي: ته اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جو اُمَّتِي اوهان تي هڪ ڀيري دُرود پڙھندو، مان ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکندس، ان جا 10 گُنَاھ مٽائيندس، 10 درجات بلند ڪندس ۽ ايتري ئي رحمت موڪليندس۔([1])
اُن پر درود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے([2])