Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

ويا ۽ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه عراق جي شهر مدائِن ۾ رهڻ لڳا۔([1])

هڪ ڀيري جي ڳالھ آهي ته حضرت اَشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبد الله بجلي رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا مُلڪ شام کان عراق آيا، انهن ٻنهي حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڏٺو نه هو، پڇندي پڇندي حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خِدمت ۾ پهتا، ان وقت حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ننڍڙي خيمي ۾ ويٺا هئا، حضرت اشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا سلام عرض ڪيو، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جواب ڏنو، هاڻي ٻنهي پڇا ڪئي: ڇا اوهان ئي سلمان فارسي آهيو؟ فرمايائون: هائو! مان ئي سلمان آهيان۔ پڇيائون: اهي ئي سلمان جيڪي صحابيءِ رسول آهن؟ حضرت سلمان فارسيرَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: هي ته معلوم ناهي ته مان صحابي آهيان يا نه۔ اهو ٻڌي حضرت اشعث ۽ حضرت جرير رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا ٿورو شڪ ۾ پئجي ويا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا: شايد اسان جن سان ملڻ چاهيون ٿا، هو هي نه آهن۔ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: توهان جنهن سان ملڻ چاهيو ٿا، مان اهو ئي آهيان۔ مون رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت جو شرف ماڻيو آهي ۽ سندن صحبتِ بابرڪت به مون کي حاصل رهي آهي پر (حقيقت ۾) صحابي ته اهو آهي جيڪو حضور رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ جنت ۾ داخل ٿيندو۔

 ان کان بعد حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پڇيو: توهان ٻئي ڪيئن آيا آهيو؟ عرض ڪيائون: اسان ملڪ شام مان اوهان جي ڀاءُ حضرت ابودَرداء رَضِىَ اللهُ عَنۡه وٽان آيا آهيون۔ بس ايترو ٻڌڻ کان بعد حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه يڪدم فرمايو: پوءِ آڻيو جيڪو انهن مهنجي لاءِ تحفو موڪليو آهي، اهو ڏئي ڇڏيو...! هي ٻڌي حضرت اشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا اچرج ۾ پئجي ويا ۽ عرض ڪيائون: سائين! انهن اوهان جي لاءِ ڪو تحفو ناهي موڪليو۔ فرمايائون: جيڪو به انهن وٽان ايندو آهي، هُو منهنجي لاءِ تحفو ضرور موڪليندا آهن، لهٰذا الله پاڪ کان ڊڄو ۽ امانت ادا ڪيو۔ عرض


 

 



[1]...اسد الغابہ، جلد:2، صفحہ:514۔