Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
الله پاڪ اسان سڀني کي ناحق سُوال کان بچائي ۽ هميشه پنهنجي محنت جي ڪمائي کائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! صحابي رسول حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه مدائِن جا گورنر هئا، ان جي باوُجُود پاڻ سادھ نموني زِندگي گذاري، پاڻ ڪڏهن پنهنجي لاءِ دُنياوي مال گڏ نه ڪيائون۔ روايتن ۾ آهي: حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه مَرَضُ الموت ۾ مبتلا هيا، حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه سندن عيادت جي لاءِ ويا، ڏٺائون ته حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه روئي رهيا آهن۔ حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنۡه پڇيو: اي سلمان! اوهان ڇو روئو ٿا؟ اوهان ته حوضِ ڪوثَر تي پنهنجي دوستن (يعني صحابي سڳورن عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان) ۽ جانِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ملڻ وارا آهيو؟ حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: مان موت جي خوف يا دُنيا ڇڏجڻ جي ڪري نه پيو رُئان بلڪ مان ته ان ڪري روئي رهيو آهيان جو منهنجي ارد گرد ڪثير ساز و سامان پيل آهي جڏهن ته منهنجي خليل، حضرت مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان واعدو ورتو هو ته توهان وٽ دُنياوي سامان صِرف ايترو هجي جيترو هڪ مسافِر وٽ هوندو آهي۔
راوِي چون ٿا: ان وقت حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه وٽ جيڪو سامان هو اهو صِرف هڪ ٿانء هو جيڪو وُضُو ڪرڻ يا ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪم ايندو هو۔([1])
رہیں سب شاد گھر والے شہا تھوڑی سی روزی پر
عطا ہو دولتِ صبر و قناعت یارسولَ اللہ!
الله اَڪبَر ! اي عاشقانِ رسول! هي آهن صحابي سڳورا عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان...! دُنيا جي