Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

سان آهيان۔ حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنۡه پڇيو: اوهان ڪهڙو عَمَل اَفضَل ڏٺو؟ فرمايائون: مون تَوَڪل کي گھڻو عمده ڏٺو۔ هڪ روايت ۾ آهي: حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه 3 ڀيرا فرمايو: توهان تَوَڪل کي پاڻ تي لازم ڪيو، هي ڪيترو عمده عَمَل آهي۔([1])

الله پاڪ اسان کي به تَوَڪل (يعني الله پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ) جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

هڪ سجدي جي اهميت

حضرت اَبُو بَختَري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي هڪ ڪنيز (ٻانهيء) هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان کي فرمايو: نماز ادا ڪيو۔ ڪنيز  انڪار ڪري ڇڏيو۔ پوءِ فرمايائون: اي عورت! هڪ سجدو ئي ڪري وٺو! ان هڪ سجدو ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو۔ ڪنهن عرض ڪيو: اي اَبُو عبد الله! هڪ سجدو ڪرڻ سان ان کي ڪهڙو فائدو ٿئي ها؟ فرمايائون: جيڪڏهن هي هڪ ئي سجدو ڪري ها ته ان کي پنج ئي نمازن جي توفيق ملي وڃي ها۔([2])

سجدي جي فضيلتن تي 3 حديث سڳوريون

الله اَڪبَر! اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سجدي جي توفيق ملڻ تمام وڏي سعادت آهي۔ * پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ٻانهو سجدي جي حالت ۾ پنهنجي رَبِّ ڪريم کان تمام گھڻو ويجھو هوندو آهي، ان ڪري توهان سجدي ۾ ڪثرت سان دُعائون گھرو!([3]) * مسلم شريف


 

 



[1]...طبقات اِبْنِ سعد، جلد:4، صفحہ:70۔

[2]... الله والوں کی باتیں، جلد:1، صفحہ:382۔

[3]...مسلم، صفحہ:198، حدیث:1083۔