Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

 2 فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ :: جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ هيءَ (دعا) پڙهي: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ہٰذَا، وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِ حَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ، ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا.۔([2]) : جيڪو قدرت باوجود زيب ۽ زِينت (سٺا ڪپڙا) پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏئي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني جنتي لباس) پارائيندو۔([3])

اي عاشقانِ رسول! * مالدار جيڪڏهن الله پاڪ جي نعمت جي اظهار جي نيت سان شَرعي خرابي سان پاڪ عُمده لباس پائي ته ثواب جو حقدار آهي * رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو * فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: سڀ کان سٺا اهي ڪپڙا جن کي پائي توهان خدا جي زيارت قبرن ۽ مسجدن ۾ ڪيو، سفيد آهن يعني اَڇن ڪپڙن ۾ نماز پڙھڻ ۽ مُردا دفنائڻ بهتر آهي * امام شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو پنهنجو لباس


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]...شعب الایمان، جلد:5، صفحہ:181، حدیث:6285۔

[3]...ابو داؤد، کتاب الادب، صفحہ:753، حدیث:4778۔