Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

صاف رکي ان جا غم گھٽجي ويندا ۽ جيڪو خوشبو لڳائي ان جي عقل ۾ اِضافو ٿيندو * لباس حلال ڪمائي سان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي * رِوايت ۾ آهي: جنهن ويهي ڪري عمامو ٻڌو، يا بيهي ڪري سَراوِيل (يعني پاجامو يا سلوار) پاتي ته الله پاڪ ان کي اهڙي مرض ۾ مبتلا فرمائيندو جنهن جي دوا ناهي. * حضرتِ سِيدُنا امام بُرهان الدين زَرنُوجي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: عِمامو ويهي ٻڌڻ، يا پاجامو يا شلوار بيهي بيهي پائڻ تنگدستي جا سبب آهن * پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهريان آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ * اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جي ابتڙ يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو * سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي * مرد مردانو ۽ عورت زنانو (ليڊيز) ئي لباس پائي، ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو * اڄڪلھ ڪي ماڻهو سرِعام ماڻهن جي سامهون نيڪر (هاف پينٽ) پائي گھمندا آهن جنهنن سان انهن جا گوڏا ۽ رانون نظر اينديون آهن، هي حرام آهي اهڙن جي کليل گوڏن ۽ رانن جي طرف نظر ڪرڻ به حرام آهي، خاص ڪري راند روند جي ميدان ۾، ورزش ڪرڻ جي جڳهن ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي هن طرح جا مناظر گھڻا هوندا آهن، لهذا اهڙن هنڌن تي وڃڻ ۾ نظر جي حفاظت جي سخت ضرورت آهي * تڪبر لاءِ جيڪو لباس هجي اهو ممنوع آهي۔ ([1])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:53-54۔