Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

سادگي سان فرمايو: ڇا آخر موت ناهي؟ ان چيو: سائين! موت کان ته ڪنهن کي ڇوٽڪارو ناهي۔ پير مهر علي شاه صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اسان جي شريعت ان ڪري تارن بابت ڳالهين کي فضول چيو آهي، جڏهن آخر موت آهي ته خوشي ۽ غم برابر آهن۔([1])

سُبحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به اهڙو آخرت جو فِڪر نصيب فرمائي۔ ڪاش! اسان به خُود پسندي کان بچون، قبر روشن ڪرڻ جو فِڪر ڪريون ۽ بَس عاجزي جا پيڪر ٿي رهون۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

فخر و غرور سے تُو مولا مجھے بچانا      یارَبّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا ([2])

(3):سلام ڪرڻ ۽ موڪلڻ جي عادت بڻايو

اي عاشقانِ رسول! هڪ نهايت اهم مدني گل جيڪو حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي واقعي مان سکڻ لاءِ مِليو هو، اهو هي ته سلام اَفضَل تحفو آهي، بابرڪت ۽ پاڪيزه دُعا آهي۔ اسان کي گھرجي ته اسان به سلام کي عام ڪريون، گھر ۾ ايندي ويندي، گهٽي ۾، بازار ۾، بَس ۾، ٽرين ۾ هر هنڌ پنهنجي مسلمان ڀائرن کي سلام جو تحفو پيش ڪندا رهون ۽ اسان جا مسلمان ڀائر جيڪي پري شهرن ۾ رهن ٿا، انهن جي لاءِ به موقعي جي مناسبت سان سلام موڪليو۔

حضرت عبد الله بن سلام رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون مديني پاڪ ۾ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان سڀ کان پهريان جيڪو ڪلام ٻُڌو اهو هي هو: يَااَيُّهَا النَّاسُ! اي انسانو! اَفْشُوا السَّلَامَ سلام کي عام ڪيو! وَ اَطْعِمُوا الطَّعَامَ کاڌو کارايو! وَ صَلُّوْا بِالَّيْلِ وَالنَّاسُ نِيَامٌ ۽ رات جو جنهن وقت ماڻهو سمهي رهيا هجن، ان وقت نماز پڙھو تَدْخُلُوا الْجَنَّۃَ بِسَلَامٍ (توهان اهي ٽي ڪم


 

 



[1]...مہرِ منیر، صفحہ:427۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:178۔