Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati

ناحق سُوال جو وبال

بدقسمتي سان اڄڪلھ اسان جي معاشري ۾ ناحق سوال جو وبال وڌندو پيو وڃي، بعض چست نوجوان به سُستي ڪن ٿا، محنت کان جِيء چُرائن ٿا، ناحق ذِلّت کڻن ٿا ۽ ماڻهن اڳيان هٿ ڦهلائن ٿا۔ ياد رکو! پيشي طور خيرات گھرڻ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، جيڪو بِنا اجازتِ شرعي سُوال ڪري ٿو، اهو جهنّم جي باھ پنهنجي لاءِ طلب ڪري ٿو ۽ هن طرح جيتري  رقم وڌيڪ حاصِل ڪندو، ايترو ئي نار (يعني باھ) جو وڌيڪ حق دار ٿيندو۔ * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو شخص بغير حاجت سُوال ڪري ٿو، اهو ڄڻ ٽانڊو کائي ٿو۔([1]) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: جيڪو مال وڌائڻ جي لاءِ سُوال ڪري ٿو، اهو ٽانڊي جو سُوال ڪري ٿو، چاهي وڌيڪ گھري يا گھٽ جو سوال ڪري۔([2])* شُعَبُ الاِيمان ۾ آهي: جيڪو شخص ماڻهن کان سُوال ڪري، جڏهن ته نه ان کي فاقو پهتو، نه ايترا ٻار ٻچا آهن جن جي طاقت نٿو رکي، اهو قيامت جي ڏينهن هن طرح ايندو جو ان جي چهري تي گوشت نه هوندو۔([3]) * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: دُنيا مٺي ۽ سرسبز آهي، جنهن ان مان حلال طريقي سان ڪمايو ۽ ان کي ان جي حق ۾ خرچ ڪيو ته الله پاڪ ان کي ثواب عطا فرمائيندو ۽ پنهنجي جنت ۾ داخل فرمائيندو۔([4])

حُسْنِ ظاہِر پر اگر تُو جائے گا        عالَمِ فانی سے دھوکہ کھائے گا

یہ مُنَقَّش سانپ ہے ڈَس جائے گا    کر نہ غفلت یاد رکھ پچھتائے گا

ایک دِن مرنا ہے آخر موت ہے     کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے


 

 



[1]...معجم الکبیر، جلد:2، صفحہ:400، حدیث:3426۔

[2]...مسلم، کتاب الزکاۃ، باب کراہۃ ، صفحہ:372، حدیث:1041۔

[3]...شعب الایمان، باب في الزكاة، جلد:3، صفحہ:274، حدیث:3526۔

[4]...شعب الایمان،باب فی قبض الیدین، جلد:4، صفحہ:396، حدیث:5527۔