Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
صدقي بِلا حساب جنّت ۾ داخِلو نصيب ٿئي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
ہر صحابیِ نبی جنّتی جنّتی چار یارِ نبی جنّتی جنّتی
ابوبکر و عمر جنّتی جنّتی عثمانِ غنی جنّتی جنّتی
فاطمہ اور علی جنّتی جنّتی حسن بھی حسین بھی جنّتی جنّتی
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُ عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع
اي عاشقانِ رسول! عشقِ رسول، محبتِ صحابه و اَهلِ بيت ماڻڻ، هن کي دِل ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪمائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺو! اِنْ شَآء اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع به آهي۔ اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جو ذِهن ماڻڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ مدني انقلاب
ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گناهن ڀري زِندگي گذاري رهيو هئس، دُنياوي لذّتن ۾ مَصرُوف رهڻ منهنجو معمول هو، بُرن دوستن جي صحبت مون کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو هو، دوستن سان گڏجي سڄي رات گُنَاهن جو سلسلو جاري رهندو هو، هڪ ڀيري هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مَغرب جي وقت نماز جي دعوت ڏني، خبر ناهي انهن جي دعوت ۾ ڪهڙو اَثَر هو جو مان انهن سان گڏ مسجد جي طرف هلي پيس، مغرب نماز پڙھي، نماز کان بعد هڪ اسلامي ڀاءَ