Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
گرجا گھر جو راهب هي سڄو منظر ڏسي رهيو هو، چشمو وهندي ڏسي اُهو مولا مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيو ۽ پڇيائين: ڇا اوهان نبي آهيو؟ فرمايائون: نه۔ پڇيائين: اوهان ملائڪ آهيو۔ فرمايائون: نه۔ ان چيو: پوءِ اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون: مان الله پاڪ جي آخري نبي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو صحابي آهيان۔ ايترو ٻڌڻ کان بعد اُهو راهب ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو۔ حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: تو ايتري عرصي تائين اسلام ڇو نه قبول ڪيو هو؟ چيائين: اسان جي ڪتابن ۾ هي لکيل آهي ته هن گرجا گھر جي ويجھو پاڻي جو هڪ چشمو لڪيل آهي، هن چشمي کي اهو ئي شخص ظاهر ڪندو جيڪو نبي هوندو يا نبي جو صحابي۔ ان ڪري مان ۽ مون کان پهريان کوڙ سارا راهب هن گرجا گھر ۾ انهيء انتظار ۾ ترسيل رهيا، اڄ اوهان اهو چشمو ظاهر ڪيو ته منهنجي مُراد پُوري ٿي، ان ڪري مون دينِ اسلام قبول ڪري ورتو۔ راهب جو اهو بيان ٻُڌي شيرِ خدارَضِىَ اللهُ عَنۡه ايترو رُنا جو سندن مبارڪ ڏاڙھي لڙڪن سان تَر ٿي وئي۔ پوءِ فرمايائون: الحمدلله! انهن جي ڪتابن ۾ منهنجو ذِڪر آهي۔([1])
مرتَضٰی، شیرِ خُدا، مَرحَب کُشا، خَیْبَر کُشا سَرْوَرا، لشکر کُشَا، مُشْکِل کُشا، اِمداد کُنْ
وضاحت: اي مرتضيٰ! اي الله پاڪ جا شير! اي مَرحَب (عرب جا نامور ڪافِر پهلوان) کي هارائڻ وارا! اي خيبر فتح ڪرڻ وارا! اي منهنجا سردار! اي تنِ تنها دشمن جي لشڪرن کي شڪست ڏيڻ وارا! اي مشڪلات حل فرمائڻ وارا! منهنجي مدد فرماءِ!
الله پاڪ اسان سڀني کي مولاءِ ڪائنات، حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي، تمام صحابه ۽ اَهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنۡهم جي ڪامِل محبت نصيب فرمائي، ڪاش! اسان هن محبت تي هميشه ثابِت قدم رهون، قبر ۾ لهون ته انهيء محبت سان، حشر ۾ اُٿون ته انهيء محبت سان۔ ڪاش! صحابه ۽ اَهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنۡهم جي محبت ئي جي