Book Name:Hazrat Salman Farsi Ki Duniya Se Be Raghbati
روايتن جي مطابق حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه 10 ڀيرا وڪڻيا ويا،([1]) آخرڪار وڪامندي وڪامندي مديني پاڪ پهتا ۽ اتي رهي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جو انتظار ڪرڻ لڳا۔
آخرڪار انتظار ختم ٿيو، هي هڪ پيارو ڏينهن هو، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي دُنياوي مالِڪ جي باغ ۾ کجورون پٽي رهيا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه خبر ٻُڌي؛ ته نبي آخِرُ الزّمان، شاھ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي پاڪ کان هجرت ڪري مقامِ قُبَا ۾ تشريف فرما ٿي چڪا آهن۔ اُن خبر عشق جي باهه ويتر وڌائي ڇڏي، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي دِل بيقرار ٿي وئي، سالن کان جنهن آقا جو انتظار ڪيو، جن جي ديدار خاطِر بار بار وڪامجندا رهيا، مِيلَن جو سفر ڪيائون، اهي ئي آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچي رهيا آهن۔
الله! الله! دِل بيقرار آهي، وڌيڪ صبر دُشوار آهي، حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڳڻي ڳڻي گھڙيون گذاري رهيا هئا۔
شبِ ہجر کی سختیاں کوئی اس سے جا کر پوچھے
تیری راہ تکتے تکتے جسے صبح ہو گئی ہے
آخر اهو وقت به اچي ويو جو دِلين جا چين، سلطانِ ڪونين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره تشريف وٺي آيا، مديني پاڪ جي گهٽين ۾ عيد جو نظارو آهي، هر پاسي نُور ئي نُور آهي، خوشيون ئي خوشيون آهن، موقعو ڏسي حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنۡه به حاضِر خِدمت ٿي ويا، راهب جيڪي نشانيون ٻڌايون هيون، اهي ڏٺيون، سڀئي نشانيون پُوريون هيون، ان ڪري ڪلمو پڙهي محبوبِ رَبّ، سلطانِ عرب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غُلامي اختيار ڪري ورتي۔([2])