Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
ڪيون وڃن * رڳو هڪ وقت آهي، اهو به اسان دين کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. ڪاش! اسان صحيح معنيٰ ۾ دين جا خدمتگار بڻجي وڃون.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:
اِنْ تَنْصُرُوا اللّٰهَ یَنْصُرْكُمْ (پارو: 26، سورة محمد: 7)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان الله جي دين جي مدد ڪندﺆ ته الله توهان جي مدد ڪندو.
هڪ ٻئي مقام تي الله پاڪ فرمايو:
وَ لَیَنْصُرَنَّ اللّٰهُ مَنْ یَّنْصُرُهٗؕ- (پارو: 17، سورة حج: 40)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ الله ان جي ضرور مدد فرمائيندو جيڪو ان جي دين جي مدد ڪندو.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙيون نه اميدن ڀريون آيتون آهن. الله پاڪ اهو نه فرمايو ته توهان جي مدد ڪهڙي معاملي ۾ ڪئي ويندي. مطلقاً فرمايو ويو ته توهان دين جا خادم بڻجي وڃو! الله پاڪ توهان جي مدد فرمائيندو. بس پوءِ جيڪا به مشڪل هجي، جيڪا به پريشاني هجي * بيروزگاري آهي* پريشان حالي آهي* تنگدستي آهي* بيماري آهي * امڙ بيمار آهي يا بابو اسپتال ۾ آهي * قبر ۽ آخرت جي معاملن جو خوف آهي * يا جنت جي طلب آهي. مطلب ته ڪهڙي به جائز خواهش هجي، ڪهڙي به مشڪل هجي، دين جا خادم بڻجي وڃو! الله پاڪ غيب مان مدد فرمائيندو.
19 سال پراڻو مرض ختم ٿي ويو
ڪراچي (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، ته مان تقريباً 19 سالن کان ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا هئس. مون کي تمام گهڻي پريشاني