Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

قافلن جا مسافر بڻجي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تهجد گذار بڻجڻ جي توفيق به نصيب ٿي ويندي. 

غيب مان انگور نصيب ٿي ويا

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مڪي مڪرمه ۾ غير مسلمن جي گهر ۾ قيد هئا. انهن کي قيد ڪرڻ وارن مان ڪنهن کانئن پڇيو: اي خُبيب! ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي؟ 

هاڻي صحابيءِ رسول جا پيارا پيارا جذبات ٻڌو! فرمايائون: ها! مون کي اهڙن جانورن جو گوشت نه کارائجو جن کي غيرالله جي نالي تي ذبح ڪيو ويو هجي ۽ جڏهن مڪي وارا مون کي شهيد ڪرڻ لڳن ته ان کان پهريان مون کي ان جي خبر ڏئي ڇڏجو. ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪهڙا نه پيارا جذبات آهن. قيد جي حالت ۾ به کين حلال کاڌي کائڻ جو فڪر آهي ڇاڪاڻ ته هي  مڪي وارا غير مسلم آهن، متان اهي مون کي حرام گوشت کارائي ڇڏين، تنهنڪري پاڻ انهن کي درخواست ڪيائون ته مون کي حرام گوشت نه کارايو وڃي. 

 پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ڪافر هئا. اتي حلال گوشت ڪٿان ميسر ٿي سگهيو ٿي، ظاهر آهي جڏهن اُهي هئا ئي ڪافر ته اسلامي طريقي سان جانور ڪيئن ذبح ڪري سگهيا ٿئي. الله پاڪ حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي رزقِ حلال ڪيئن پهچايو، ٻڌو! روايت آهي ته حارث، جنهن جي گهر ۾ پاڻ قيد هئا، ان جي نياڻيءَ جو چوڻ آهي ته مان خبيب کان بهتر قيدي ڪڏهن به نه ڏٺو، هڪ ڏينهن مون دروازي مان جهاتي پائي ڏٺو ته سندن هٿ ۾ انسان جي قد


 

 



[1]... شعب الایمان، باب فی الصلوات، تحسین الصلاۃ...الخ، جلد:3، صفحہ:169، حدیث:3244۔