Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي :  اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس  ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ دين جي خدمت ڪرڻ، قرآن ۽ سنت جي تعليم ۽ اسلامي اخلاق، ڪردار ۽ ثقافت کي عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي۔ اَلحمدُ لِلّٰہ! سڄي دنيا ۾ ڪاميابيءَ سان دين جي خدمت جو ڪم جاري آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ پاران نومبر مهيني کي ماههِ قافله طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔ 

ڪجھ عاشقانِ رسول گڏجي دارُ السُنَّه مان سَمۡت(يعني طَرف) وٺي، باقاعدي طئي ٿيل طريقيڪار مطابق ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، مسجد مسجد ويندا آهن، دين جو علم سکندا ۽ سيکاريندا آهن، نيڪيءَ جي دعوت عام ڪندا آهن، مسجد ڀريو تحريڪ هلائيندا آهن ۽ دين جي خدمت ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔ ان کي قافلو چيو ويندو آهي۔ قافلو دين جي خدمت ۽ تبليغ ڪرڻ جو


 

 



[1]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔