Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

مشہور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: نيڪي ڪرڻ وارو، ڪرائڻ وارو، ٻڌائڻ وارو ۽ مشورو ڏيڻ وارو سڀئي ثواب جا حقدار آهن. ([1]) 

اسان جڏهن ڪنهن ٻئي کي نيڪي جي دعوت ڏيندا آهيون ته اسان جي لاءِ ان نيڪي تي استقامت حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي نه صرف  ايترو پر ان جي برڪت سان جيڪڏهن ڪمزوري به هوندي آهي ته ان جي ختم ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي. تنهنڪري قافلن ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪين تي نه رڳو استقامت نصيب ٿيندي آهي، پر انهن ۾ اضافو به ٿيندو رهندو آهي. ڇوته جڏهن قافلي جا مسافر ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيندا، ته جيترا ماڻهو ان دعوت تي لبيڪ چوندا ۽ عمل شروع ڪندا، انهن سڀني جي عمل جي برابر دعوت ڏيڻ واري کي به ثواب ملندو. پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ برڪت نشان آهي: جيڪو هدايت ڏانهن سڏيندو آهي، ان کي سڀني عمل ڪرڻ وارن جي برابر ثواب ملندو آهي ۽ انهن (عمل ڪرڻ وارن) جي ثواب ۾ به ڪا ڪَمِي نه ايندي آهي.([2]) 

خوب ہوگا ثواب اور ٹلے گا عذاب                                          پاؤ گے بخششیں، قافلے میں چلو ([3])

عاشقانِ رسول جي صحبت حاصل ڪرڻ جو  ذريعو

قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي هڪ برڪت اها به آهي ته ان جي ذريعي نيڪ صحبت نصيب ٿيندي آهي. جي ها! جيڪي گھر کان نڪتا، ٻارن ۽ ڪٽنب کان پري ٿيا، ڪاروبار ڇڏيائون، ڏُورانهن علائقن ڏانهن جتي انهن جو ڪو سڃاڻپ وارو يا عزيز نه آهي، صرف ۽ صرف دين جي خاطر، عِلْمِ دِين سکڻ جي خاطر، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي خاطر، سنتون سکڻ ۽ سيکارڻ جي خاطر


 

 



[1]... مراۃ المناجیح،جلد: 1، صفحہ:194۔

[2]... مسلم،کتاب العلم، باب من سن سنۃ...الخ، صفحہ: 1032،حدیث:2674۔

[3]... وسائِلِ بخشش، صفحہ:672۔