Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
اوَابين وغيرهه پڙهڻ جي سعادت به نصيب ٿيندي آهي.
هاڻي ڏسو! اسان وٽ عمل جي ته اڳ ۾ ئي کوٽ آهي، ان سان گڏوگڏ علم جي به تمام گھڻي گھٽتائي آهي. شايد اسان مان ڪيترائي اهڙا هوندا، جن کي اشراق، چاشت ۽ اوابين جي نمازن جي باري ۾ خبر نه هوندي ته اُهي ڪهڙيون نمازون آهن. جڏهن ته اوابين کي صالِحِين (يعني نيڪ ماڻهن) جي نماز چيو ويو آهي. قرآن ڪريم ۾ نمازِ اوابين پڙهڻ وارن جي باري ۾ فرمايو ويو آهي: ([1])
فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّاۤ اُخْفِیَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْیُنٍۚ-جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ(۱۷) (پارو: 21، سورة سجده: 17)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ڪنهن ساهه کي معلوم ناهي اها اکين جي ٿڌاڻ جيڪا انهن جي لاءِ انهن جي عملن جي بدلي ۾ لڪائي رکي آهي.
ڪيڏو نه پيارو اجر آهي، ڪيڏو نه پيارو انعام آهي، جيڪي ماڻهو نمازِ اوابين پڙهندا آهن، تن جي لاءِ الله پاڪ اهڙيون نعمتون تيار ڪري رکيون آهن، جن کي ڏسي اکيون ٺري پونديون. اوابين جي نماز ڪهڙي آهي؟ اشراق ۽ چاشت جي نماز ڪهڙي آهي؟ اوهان قافلن ۾ سفر ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن نمازن جي معلومات به ملي ويندي ۽ انهن کي پڙهڻ جي سعادت به نصيب ٿي ويندي.
بے عمل باعمل بن گئے خاص کر آپ بھی دیکھ لیں قافِلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: اِنَّ الدَّآلَّ عَلَی الْخَيْرِ کَفَاعِلِهٖ يعني نيڪي جي راهه ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري جي مثل آهي.([2])