Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

هئي. اڪثر ڪري تڪليف جي شدت تمام گهڻي وڌي ويندي هئي. هر وقت انهيءَ فڪر ۾ رهندو هيس ته مون کي آرام ڪيئن ملندو. آخرڪار هڪ دفعي دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول سان گڏ قافلي جو مسافر بڻجي ويس. مدني قافلي جي برڪت سان مون کي تمام گهڻو دين جو علم سکڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏوگڏ اها برڪت به ملي ته اَلحمدُ لِلّٰہ! 19 سال پراڻي ساهه جي تڪليف واري بيماري کان ڇوٽڪارو ملي ويو. ([1])

گرچِہ بیماریاں، ہوں کہیں پتھریاں                                      پاؤ گے صحّتیں، قافِلے میں چلو!

دُور ہوں گے اَلَم ہوگا ربّ کا کرم                                            غم کے مارے سُنیں،   قافلے میں   چلو!

ماں جو بیمار ہو، یا وہ ناچار ہو                                                                         رنج و غم مَتْ کریں ، قافِلے میں   چلو!([2])

بهترين زندگي

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي دين جي خدمت ڪرڻ جون برڪتون آهن. مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رحمۃُ اللہِ علیہ لکن ٿا: زندگي هر شخص جي گذري ويندي آهي پر بهترين زندگي اها آهي جيڪا الله پاڪ جي لاءِ وقف ٿي وڃي. ([3])

ڪاش! اسان پنهنجو پاڻ کي دين جو مستقل خادم بڻائي ڇڏيون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جي برڪت سان دنيا به سنورجي ويندي ۽ آخرت ۾ به ٻيڙا پار ٿي ويندا. 

اصحابِ صُفه ۽ دين جي خدمت

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان پنهنجي بزرگن جي زندگين ڏانهن نظر ڪريون ته خبر پوندي ته هنن پنهنجون زندگيون دين جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون. سڀ کان پهريان ته اصحابِ صفه کي ئي ڏسو! اهي پهريان


 

 



[1]... مفلوج کی شفا یابی کا راز، صفحہ:11-12ملخصاً۔

[2]... مفلوج کی شفا یابی کا راز، صفحہ:11-12ملخصاً۔

[3]... وسائلِ بخشش، صفحہ:673۔