Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم هئا جن مسجدِ نبوي شريف ۾ صفه نالي جاءِ تي قيام ڪيو هو. انهن خوشنصيب اصحابن پنهنجو پاڻ کي دين جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. * انهن پنهجي لاءِ ڪو گهر نه ٺاهيو هو* ڪپڙا وٽن صرف ايترا هوندا هئا جو بس اوگهڙ مشڪل سان ڍڪجي سگهندي هئي* سندن ڪيترائي ڏينهن بُکُن ۾ گذري ويندا هئا * ڪڏهن ڪڏهن ته سندن اهڙي حالت ٿي ويندي هئي جو بک جي سبب کانئن هلڻ مشڪل ٿي پوندو هو، ڪجهه صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم بيہوش ٿي ڪِري پوندا هئا. انهن سڀني مشقتن جي باوجود به هي حضراتِ عالي وقار، دين سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ مصروف رهندا هئا. سندن شان ۾ قرآني آيتون نازل ٿيون، الله پاڪ فرمايو:
وَ لَا تَطْرُدِ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗؕ- (پارو: 7، سورة انعام: 52)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن ماڻهن کي پري نه ڪريو، جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي سندس رضا چاهيندي پڪارين ٿا.
يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي خوشنصيب، نيڪ دل مسلمان جيڪي صبح ۽ شام الله پاڪ کي پڪاريندا آهن، سندس عبادت ڪندا آهن، فقط الله پاڪ جي رضا جا طلبگار آهن، انهن کي پاڻ کان پري نه ڪريو. ([1])
هڪ ٻئي مقام تي فرمايو ويو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! انهن اصحابِ صفه کي فرمايو!
سَلٰمٌ عَلَیْكُمْ كَتَبَ رَبُّكُمْ عَلٰى نَفْسِهِ الرَّحْمَةَۙ- (پارو: 7، سورة انعام: 54)
ترجموڪنزالعرفان: ”توهان تي سلام“ توھان جي رب پنهنجي ذمهءِ ڪرم تي رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏا نه شان وارا آهن، الله پاڪ کين سلامتيءَ جون دعائون ڏيڻ