Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
قافلو ديني ڪم آهي، نيڪيءَ جو ڪم آهي، نيڪ ڪم ڪندو ئي رهڻ گھرجي، پر هن مهيني ۾ خاص طور تي وڌ کان وڌ قافلا سفر ڪندا. توهان به ماهِه قافله ملهايو! پاڻ به قافلي جا مسافر بڻجو! پنهنجن عزيزن، پٽن، ڀائرن، سوٽن، ماساتن ۽ دوستن کي به ترغيب ڏياري سفر ڪرايو! موبائل تي، ايس ايم ايس جي ذريعي، واٽس ايپ جي ذريعي يا سامهون ئي جنهن سان به ۽ جتي به ملاقات ٿئي، قافلن جي ترغيب ڏيندا رهو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب ملندو رهندو.
بارہ مَہ کیلئے تیس دن کیلئے بارہ دن دے ہی دیں قافِلے میں چلو
سنّتیں سیکھنے تین دن کیلئے ہر مہینے چلیں قافِلے میں چلو
یاخدا ہر گھڑی رٹ ہو عطارؔ کی قافِلے میں چلیں قافِلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد للہ! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان تمام فائديمند موبائل ايپلي ڪيشن ”فيضانِ حديث“ جي نالي سان Play Store ۽ App Store تي جاري ڪئي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ حديث پاڪ جا مشہور ڪتاب جهڙوڪ: * مِشْکٰوۃُ الْمَصَابِیْح ۽ ان جي اردو شرح مِرْاٰۃُ الْمَنَاجِیْح * الأربَعِیْنِ النّوویَّۃ اردو ترجمي ۽ تشريح سان * رِیاضُ الْصَّالِحِین اردو ترجمي ۽ تشريح سان * أَربَعِیْنِ حَنَفِیَّہ (اردو)