Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
حضرت خُبَيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي تهجد گذاري
پيارا اسلامي ڀائرو! باقي جيڪي ٽي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جن کي بنو لحيان قبيلي وارن قيد ڪيو هو، انهن کي هنن مڪي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهلِ مڪه انهن کي ڪجهه ڏينهن قيد ۾ رکيو ۽ پوءِ دردناڪ طريقي سان شهيد ڪري ڇڏيو.
انهن مان حضرت خبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو واقعو تمام ايمان افروز آهي. پاڻ مڪي مڪرمه جي هڪ گهر ۾ قيد هئا. روايتن ۾ آهي ته حضرت خُبيب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ قيد جي حالت ۾ به روزانو تهجد جي وقت بلند آواز سان تلاوت فرمائيندا هئا. سندن پرسوز تلاوت ٻڌي مڪي جون عورتون گڏ ٿي وينديون هيون ۽ قرآن ٻڌي روئنديون هيون. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏو نه اعليٰ شان آهي ...!! اهي عظيم الشان قافلي جا مسافر، جن جو استقبال تيرن ۽ تلوارن سان ڪيو ويو، جن جي ساٿين کي شهيد ڪري کين قيد ڪيو ويو، ڄڻ پاڻ قيد جي حالت ۾ به پنهنجو جدول (يعني زندگي جو معمول مبارڪ) ڀرپور طريقي سان هلائي رهيا هئا، روزانو تهجد جو اہتمام فرمائيندا هئا ۽ تمام گهڻي تلاوت فرمائيندا هئا.
ڪاش! اسان کي به اهڙي سعادت ملي وڃي، اسان ته قيد ۾ به نه آهيون، آزاد آهيون، ڪاش! تهجد پڙهڻ وارا بڻجي وڃون. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:
وَ مِنَ الَّیْلِ فَتَهَجَّدْ بِهٖ نَافِلَةً لَّكَ ﳓ (پارو: 15، سورة بني اسرائيل: 79)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ رات جي ڪجهه