Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
سفر ڪري وڃڻ وارا آهن، مسجد کي، الله پاڪ جي گھر کي پنهنجي قيام گاهه بڻائڻ وارا آهن، جيڪڏهن اُهي به نيڪ نه هوندا ته پوءِ ڀلا ٻڌايو ته ڪير نيڪ هوندو؟ اَلحمدُ لِلّٰہ! قافلي جا مسافر، جتي ويندا آهن، اتي رهڻ وارن مسلمانن، مسجدن جي نمازين ۽ عاشقانِ رسول کي قافلي وارن جي صحبت ۽ برڪت نصيب ٿيندي آهي.
جلال پور ڀٽيان (ضلع حافظ آباد، پنجاب پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو واقعو آهي ته هُو توبهه کان پهريان گناهن ڀري زندگي گذاري رهيو هو، علائقي جي آوارهه ۽ شرابي نوجوانن سان سندن اٿڻ ويهڻ هو، تنهنڪري هُو پاڻ به شراب ۽ ٻين گناهن جو عادي بڻجي ويو. گارگند ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ، جهيڙا جهَٽا ڪرڻ، مارَڪُٽَ ڪرڻ وغيرهه انهن جي روزمرهه جي معمولات ۾ هو. مطلب ته گھر وارن سان گڏوگڏ علائقي جا ماڻهو به سندن حرڪتن کان بيزار هئا.
سندن قسمت جو ستارو ايئن چمڪيو جو هڪ ڀيري ڪنهن اسلامي ڀاءُ جي سمجھائڻ تي هُو قافلي جا مسافر بڻجي ويا. اَلحمدُ لِلّٰہ! اتي کين نيڪ صحبت ميسر ٿي، سنتون سکڻ جو موقعو مليو، خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي موضوع تي بيان ٻڌڻ لاءِ مليا، مسجد ۾ رهڻ نصيب ٿيو، جنهن جي برڪت سان انهن توبهه ڪئي، پنهنجي مٿي تي عمامو شريف سجايائون، ڏاڙهي مبارڪ به رکرايائون ۽ اَلحمدُ لِلّٰہ! پنهنجيون خراب عادتون ڇڏي نيڪ نمازي بڻجي ويا. ([1])
دل کی کَلیاں کِھلیں قافِلے میں چلو رنج وغم بھی مِٹیں، قافلے میں چلو
دل کی کالک دُھلے، دردِ عِصیاں ٹلے آؤ سب چل پڑیں، قافلے میں چلو