Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
فضل کی بارِشیں، رَحمتیں نعمتیں گر تمھیں چاہئیں قافلے میں چلو ([1])
راههِ خدا ۾ سفر ڪرڻ جا ديني فائدا
شيخ شهاب الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا ته جهڙي طرح دَباغَت (يعني چمڙي کي لوڻ لڳائڻ، ان کي پچائڻ ۽ صاف ڪرڻ سان) چمڙو نرم ۽ ملائم ٿي ويندو آهي، ان جي بدبو ختم ٿي ويندي آهي ۽ اهو پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آهي، تيئن ئي راهِه خدا ۾ سفر ڪرڻ جي برڪت سان نفسِ اماره (يعني براين تي اڀارڻ وارو نفس) نرم، پاڪ، صاف ۽ خوشبودار ٿي ويندو آهي، ان جي سرڪشي ختم ٿي ويندي آهي، پوءِ اهو براين تي اڀارڻ وارو نه رهندو آهي پر نورِ ايمانيءَ سان روشن ٿي نيڪ ڪمن جو عادي بڻجي ويندو آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هي ڪيڏا نه عظيم فائدا آهن، اسان اهو چئي سگهون ٿا ته راهِه خدا ۾ سفر هڪ پوري رياضت آهي، پنهنجو باطن پاڪ ڪرڻ جو ڪامياب ترين علاج آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته گهر ۾ نه ويهي رهون، عام طور تي روزاني جي معمول مطابق زندگي گذري رهي هوندي آهي، گهر کان دڪان، دڪان کان گهر، پنهنجي ئي شهر ۽ محلي ۾ هوندا آهيون، ٻاهر نڪرندا ئي نه آهيون. دين جو ڪم ائين نه ٿيندو آهي، باطن جي صفائي ائين نصيب نه ٿيندي آهي * دل کي صاف ڪرڻو آهي * پاڻ کي سڌارڻو آهي * نيڪين جي عادت پيدا ڪرڻي آهي * گناهن کان نفرت دل ۾ پالڻي آهي * نيڪ نمازي بڻجڻو آهي * تهجد گذار ٿيڻو آهي