Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

مسافر الله پاڪ جا محبوب ٻانها آهن. پڇيو ويو: ڪهڙا مسافر...؟ فرمايائون: اهي جيڪي پنهنجي دين لاءِ هِتان کان هُتي ۽ هُتان  کان هِتي سفر ڪندا رهندا آهن، قيامت جي ڏينهن انهن کي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  وَٽِ گڏ ڪيو ويندو. ([1]) 

راههِ خدا ۾ سفر ڪرڻ جو انوکو  اثر

شيخ شهاب الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: تهجد پڙهڻ، روزا رکڻ ۽ نفل نمازون پڙهڻ جو دل تي جيڪو اثر ٿيندو آهي،  راههِ خدا ۾ سفر ڪرڻ جو به اهو ئي اثر ٿيندو آهي. ([2]) 

اللہُ اَکْبَر! ڪيڏي عظيم ڳالهه آهي ...!! تهجد پڙهڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟ * دل تان گناهن جي مَرُ ڌوپجي ويندي آهي * دل ۾ نور پيدا ٿيندو آهي * باطني بيماريون ٺيڪ ٿي وينديون آهن * نيڪين ڏانهن رغبت وڌندي آهي * گناهن کان نفرت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي * اندر اجرو ۽ صاف ٿي ويندو آهي ۽ سمورا صوفياءِ ڪرام ان ڳالهه تي متفق آهن ته تهجد جي نماز ۽ نفلي روزا انتهائي تيزيءَ سان دل کي پاڪ ۽ صاف ڪندا آهن، شيخ شهاب الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: * دل کي پاڪ، صاف * اجرو ۽ چمڪندڙ بڻائڻ ۾ جيڪو ڪردار تهجد جو آهي * جيڪو اثر نفلي روزن جو آهي * جيڪو تاثير نفلي نمازن جو آهي، اُهو ئي تاثير راههِ خدا جو مسافر بڻجڻ جو به آهي، يعني جيتري تيزيءَ سان تهجد جي برڪت سان دل صاف ٿيندي آهي، اوتري ئي تيزيءَ سان راهِه خدا جو مسافر بڻجڻ سان به دل صاف ٿيندي آهي. 

دل کی کَلیاں کِھلیں قافِلے میں چلو                                               رنج وغم بھی مِٹیں قافلے میں چلو


 

 



[1]...  زہد لابن مبارک، صفحہ:416، حدیث:1513۔

[2]...عوراف المعارف  ،باب   السادس عشر...الخ، صفحہ: 75بتصرف۔