Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
جو حڪم فرمائي رهيو آهي ۽ خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي ته الله پاڪ توهان جي لاءِ رحمت پنهنجي ذمي تي لازم فرمائي ڇڏي آهي. سُبْحٰنَ اللہ!
حضرت حَبِيب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ديني خدمت
اهڙيءَ طرح اڳين امتن ۾ ڏسو! حضرت حبيب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جن جو ذڪر سورة يٰسين شريف ۾ آيو آهي. سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نه شان سان دين جي خدمت ڪيائون، ٻڌو! الله پاڪ هڪ علائقي ڏانهن ٽي رسول موڪليا. ان علائقي وارن انهن رسولن جو انڪار ڪيو ۽ کين ڏاڍو ستايو، حضرت حبيب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جيڪي ان ئي وَسَندي جي ڪناري تي رهندا هئا، انهن کي جڏهن اها خبر پئي ته دين جي خدمت جي جذبي تحت ڊوڙندا آيا ۽ قوم کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيندي فرمايائون: اي قوم! انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام جي اطاعت ڪريو! هي الله پاڪ جا نبي آهن، هدايت تي آهن، توهان کان ڪجهه گهري نه رهيا آهن. پوءِ به توهان سندن نافرماني ڪري رهيا آهيو.
اللہُ اکبر! اها قوم جيڪا نبين جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئي، انهن جي ڳالهه ڪٿان ٿي ٻڌي ...! تنهنڪري ماڻهن پٿرن سان ماري ماري کين شهيد ڪري ڇڏيو. ([1]) اُن دين جي عظيم خدمتگار کي ڪهڙو شرف مليو، الله پاڪ فرمائي ٿو:
قِیْلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَؕ- (پارو: 23، سورة يٰسين: 26)
ترجمو ڪنزالعرفان: (ان کي) فرمايو ويو ته تون جنت ۾ داخل ٿي وڃ.
يعني سندن خطائون معاف ڪيون ويون، کين عزتون عطا ڪيون ويون ۽ حڪم ٿيو: جنت ۾ داخل ٿي وڃ!
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو ته حضرت حبيب رحمۃُ اللہِ علیہ