Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

* اخلاق سڌارڻا آهن * باڪردار ۽ بااخلاق مسلمان بڻجڻو آهي، ته ان جي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، راهِه خدا ۾ سفر ڪرڻو پوندو، حضرت بشر حافي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائيندا هئا: اي قاريو ...!! اي حق جا طلبگارو...!! سفر ڪريو! توهان پاڪ ٿي ويندﺆ. ([1])

بے عمل باعمل بن گئے خاص کر                                       آپ بھی دیکھ لیں، قافِلے میں چلو!

بے شک اعمالِ بد اور اَفعالِ بد                                                       کی چھٹیں عادتیں، قافِلے میں چلو!

کر سفر آئیں   گے، تو سُدھر جائیں   گے                   اب نہ سستی کریں  ، قافِلے میں   چلو!

قافلو ڀلاين جو مجموعو آهي

      پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لِلّٰہ! قافلو عبادت نه پر عبادتن جو مجموعو آهي، نيڪي نه پر نيڪين جو مجموعو آهي، خير نه پر خير ۽ ڀلاين جو مجموعو آهي. قافلي ۾ سنتون سکيون ۽ سيکاريون وينديون آهن * عِلْمِ دِين جو درس ڏنو ۽ ٻڌو ويندو آهي * ديني بيان ڪيا ۽ ٻڌا ويندا آهن * پنهنجن عملن جو جائزو وٺڻ لاءِ حلقو لڳايو ويندو آهي * تهجد، اشراق، چاشت، اوابين جا نفل ۽ نمازِ توبهه پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي * قرآن جون سورتون ياد ڪيون وينديون آهن * فرض نمازون باجماعت مسجد ۾ پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي * ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت نصيب ٿيندي آهي.

سادگی چاہئے، عاجِزی چاہئے                                                                 لینے یہ نعمتیں، قافلے میں چلو!

خُوب ہوگا ثواب اور ٹلے گا عذاب                                      پاؤ گے بخششیں، قافلے میں چلو!

ایسا فیضان ہو، حِفظ قرآن ہو                                                                     خوب خوشیاں مِلیں، قافِلے میں چلو!


 

 



[1]...عوراف المعارف  ،باب   السادس عشر...الخ، صفحہ: 78۔