Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
راههِ خدا ۾ سفر ڪرڻ جون فضيلتون
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش! اسان به پنهنجو اهڙو ذهن بڻايون. اَلحمدُ لِلّٰہ! نومبر مهينو قافلن جو مهينو آهي. ڪثير تعداد ۾ اسلامي ڀائر قافلن جا مسافر بڻجندا. توهان به نيت ڪريو! ڪاروبار ته هلندا ئي رهندا آهن، ڪم آهن جيڪي نه ڪڏهن ختم ٿيا آهن، نه ڪڏهن ختم ٿيڻا آهن. هيءَ دنيا آهي، هلندي ئي رهندي. اسان پنهجو ذهن بڻايون، قافلي جا مسافر بڻجي وڃون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بگڙيل ڪم بڻجي ويندا.*بخاري ۽ مسلم جي روايت آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جي راهه ۾ صبح يا شام ڪرڻ، دنيا ۽ جيڪو ڪجهه دنيا ۾ آهي، ان سڀ کان بهتر آهي.([1])*حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڪنهن به ٻانهي تي راههِ خدا جي دَزَ ۽ دوزخ جي باهه ٻئي گڏ نه ٿا ٿي سگهن. ([2])
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا ته راههِ خدا جي دَزَ اها دَزَ آهي جيڪڏهن اها جسم، ڪپڙن، پيرن يا چهری تي لڳي وڃي ته حديث پاڪ جي معنيٰ هيءَ آهي ته جيئن ٻه هڪ ٻئي جي ضد واريون شيون گڏ نه ٿيون ٿي سگهن (جيئن باهه ۽ پاڻي) تيئن ئي الله پاڪ راهِه خدا جي دَزَ ۽ جهنم جي باهه کي هڪٻئي جو ضد بڻائي ڇڏيو آهي. اهي ٻئي هڪ جاءِ تي گڏ نه ٿا ٿي سگهن. ([3])
پياري نبي، سهڻي نبي، سچي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: