Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

امیں ہیں یہ قرآن و دِینِ خُدا کے                                                  مَدارِ ہدیٰ اعتبار صحابہ

نمایاں ہیں اِسلام کے گلستاں میں                                          ہر اِکْ گُل پہ رنگِ بہار صحابہ

یہ مُہریں ہیں فرمانِ ختمُ الرُّسُل کی                                             ہے دِینِ خُدا شاہکارِ صحابہ

منهنجي زندگيءَ جو مقصد تنهنجي دين جي ڪاميابي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هڪ عظيم ترين قافلي جو دردن ڀريو داستان ٻڌو، ان مان هڪ ڳالهه ته اها معلوم ٿي ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم به دين جي خدمت لاءِ قافلن ۾ سفر فرمائيندا هئا. * اهو به معلوم ٿيو ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم کي ڪڏهن ڪڏهن انهن قافلن ۾ تمام گهڻيون مشقتون به برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. اڄ جڏهن اسان قافلن جا مسافر بڻجندا آهيون ته ماڻهو وڏي عزت سان نوازيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته قافلي وارن لاءِ کاڌي جو انتظام به ڪيو ويندو آهي، ماڻهو قافلي وارن کان پنهنجي لاءِ دعائون ڪرائيندا آهن. 

پر قربان وڃجي! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جڏهن دين جي راهه جا مسافر بڻجندا هئا ته سندن استقبال تيرن ۽ تلوارن سان ڪيو ويندو هو، اُهي خوشنصيب دين جي راهه جا مسافر بڻجندا هئا ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيندا هئا، ان جي باوجود به اهو ئي چوندا هئا ته هيءَ ته هڪ جان هئي، دين جي خاطر فقط اهو نذرانو تمام گهٽ آهي. يعني صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جا هي جذبا هئا ته: 

میری زندگی کا مقصد تیرے دِیں سرفرازی میں اسی لیے مسلماں، میں اسی لیے نمازی

 پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان ٿورو غور ڪريون ته صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم ته دين جي خاطر پنهنجيون جانيون به قربان ڪري ڇڏيون ...!! اسان ڇا ڪيو آهي؟ اسان اڄ تائين دين کي ڇا ڏئي سگهيا آهيون؟ * اڄ اسان کان جانيون نه ٿيون گهريون وڃن * وڏيون وڏيون قربانيون اسان کان نه ٿيون طلب